آئين
باب پهريون
آرٽيڪل 1.1 نالو!
تنظيم جو
مڪمل نالو “
آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسي ايشن هوندو.
آرٽيڪل1.2 مونوگرام :
اڇي رنگ جي تر
تي ڪاري رنگ ۾ سنڌ جو نقشو هوندو ، نقشي ۾ نيري رنگ جو کليل ڪتاب ، ڪتاب مٿان
ٻرندڙ ميڻ بتي ۽ ڪتاب جي هيٺيان پٽي جي وچ ۾ پ ٽ الف لکيل هوندو.
آرٽيڪل 1.3 جهنڊو :
جهنڊي جي ترتيب بالڪل
مونوگرام واري هوند ۽ ان جي ماپ 3/2 هوندي.
آرٽيڪل 1.4 عمل جي حد:
هن تنظيم جي عمل جو دائرو سڄي سنڌ جي جاگرافي حدن اندر سڀني
انتظامي يونٽن ۾ قائم ڪيل تعليمي ادارن تائين پکڙيل هوندو.
آرٽيڪل 1.5 ڪاروباري ٻولي :
هن تنظيم جي ڪاروباري ٻولي سنڌي هوندي پر وقت ضرورت سرڪاري
۽ ٻين صوبن جي تنظي سان رابطي لاء انگريزي ۽ اردو پڻ استعمال ڪري سگهجي ٿي .
آرٽيڪل 1.6 ڪاروباري ٻولي ؛
هن تنظيم جي ڪاروباري ٻولي سنڌي هوندي پر وقت ضرورت سرڪار ۽
ٻين صوبن جي تنظيمن سان رابطي لاء انگريزي ۽ اردو پڻ استعمال ڪري سگهجي ٿي.
آرٽيڪل 1.7 مرڪزي آفيس ؛
هن تنظيم جي مرڪزي آفيس حيدرآباد ۾ هوندي
آرٽيڪل 1.8 مول ۽ متا ؛
I.
سنڌ
جي سڀني پرائمري استادن ۽ استادياڻين جي معاشي، سماجي ثقافي ، تعليمي ، ۽ بنيادي
حقن جو تحفظ ڪرڻ.
II.
سنڌ
اندر تعليم عام ۽ مفت ڪرڻ لاء جدوجهد ڪرڻ.
III.
سنڌ
جي تعليمي شرح ۽ ميعار وڌائڻ لاء جاکوڙ ڪرڻ .
IV.
سنڌي
ادب ۽ ٻولي جي واڌاري ۽ تحفظ لاء ڪوشش ڪرڻ.
V.
سنڌ
جي پرائمري استادن ۽ استادياڻين ۾ فرض شناسي، تعليم نوازي، قومي دوستي ۽ خدمت جو
جذبو پيدا ڪرڻ.
VI.
معاشري
۾ استاد جي سماجي رتبي ۾ واڌاري لاء جاکوڙ ڪرڻ.
VII.
سماجي
۽ تعليمي خدمتن ذريعي عوام سان بهتر لاڳاپا قائم ڪرڻ.
VIII. پرائمري تعليم جي واڌاري ۽ سڌاري لاء سرڪار سان سهڪار ڪرڻ.
IX.
سنڌ
جي قومي هيرن ۽ زندگي جي مختلف شعبن ۾ غير معمولي ۽ قابل قدر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ
شخصيتن جا ڏهاڙا ملهائڻ.
X.
سنڌ
جي پرائمري استادن ۾ جديد سائنسي، تعليمي ۽ تنظيمي شعور پيدا ڪرڻ لاء جدوجهد ڪرڻ.
باب ٻيون
ميمبر شپ
آرٽيڪل 2.1
سنڌ جو هر حاضر سروس پرائمري استاد، اٽيڊنس اسسٽنٽ ، لرننگ ڪو آرڊنيٽر (L.C.O) هن تنظيم جو
ممبر ٿي سگهي ٿو جيڪو هن ميعار تي پورو لهندو،
1.
پ ٽ
الف جي آئين ۽ مقصدن سان متفق هجي.
2.
تنظيم
جي مقرر ڪيل في ۽ فنڊ باقاعدگي سان ڏيندڙ هجي.
3.
پ ٽ
الف جي تنظيمي ادارن جي ڪيل فيصلي تي پابندي سان عمل ڪندڙ هجي.
4.
ٻئي
ڪنهن استاد تنظيم جو ميمبر يا عهديدار نه هجي
آرٽيڪل 2.2 ميمبر شپ جو طريقه ڪار ؛
مٿين شرطن تي پورو لهندڙ ۽ پ ٽ الف جي ميمبر شپ وٺڻ جو خواهشمند
استاد درخواست فارم ڀري تنظيم جي مقرر ڪيل داخلا في سان گڏ پهنجي بنيادي شاخ جي
صدر ۽ جنرل سيڪريٽري جي سفارش سان اهو فارم ضلعي ڏانهن ۽ ضلعو پهنجي ٻن عهديدارن
جي سفارش سان مرڪز ڏانهن موڪليندو. مرڪز جي منظوري بعد مرڪز ان ميمبر کي ميمبر شپ
ڪارڊ جاري ڪندو.
نوٽ ؛ ميمبر شپ فارم ڀرڻ ۽ مرڪز کان ڪارڊ جاري ٿيڻ کانسواء ڪو به ميمبر ٿي نٿو
سگهي.
آرٽيڪل 2.3 ميمبر جا فرض ؛
1. تنظيم طرفان مقرر ڪيل ماهوار / ساليانو ۽ هنگامي فنڊ ڏيڻ.
2. تنظيم جي هر سڏ ۽ جدوجهد ۾ شريڪ رهڻ.
3. تنظيم جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيڻ.
4. تنظيم جي عهديدارن ۽ ادارن جي جي گڏيل ۽ اڪثريتي فيصلن کي
اختلاف باوجود قبول ڪرڻ.
آرٽيڪل 2.4 ميمبر جا حق ؛
1. واسطيدار ادرن اندر بحث و مباحثي ۾ حصو وٺڻ، تجويزون ڏيڻ،
اصولي تنقيد ڪرڻ ۽ ڪنهن به معاملي تي اطمينان حاصل ڪرڻ لاء وضاحت طلب ڪرڻ هر ميمبر
جو بنيادي حق آهي .
2. هر ميمبر کي پهنجي بنيادي يونٽن جي چونڊ ۾ ووٽ
ڏيڻ ۽ بينادي يونٽ کان وٺي مرڪزي سطح جي ڪنهن به عهدي تي اميدوار بيهڻ جو حق
هوندو، بشرطيڪه ووٽ ڏيڻ ۽ اميدوار بيهڻ جي اهليت ۽ شرطن تي پورو لهندو هجي .
آرٽيڪل 2.5 ميمبر شپ جي معطلي ڪارڻ؛
هيٺين حالتن
يا سببن ڪري ميمبر شپ جي ميمبر شپ معطل ڪري سگهجي ٿي،
1.
ميمبر
شپ جي شرطن جي ڀڃڪڙي ۽ آئيني ضابطن جي خلاف ورزي ڪندو
2.
تنظيم
توڙي استادن جي مجموعي مفادن خلاف آفيسرن کي درخواستون يا تارون ڪندو يا پريس ۾ ڪو
بيان ڏيندو.
3.
تنظيم
، عهديدران ۽ ميمبرن سان لاڳاپيل پهنجا تنظيمي معاملا تنظيمي ادارن بجاء تنظيم کان
باهر کڻي ويندو جنهن سان تنطيم جي ساک متاثر ٿيڻ ۽ مالي نقصان پهچڻ جو انديشو هجي
.
4.
استادن
جي حقن جي جدوجهد ۽ هلندڙ تحريڪ دوران ويساهه گهاتي ڪرڻ.
5.
سالياني
في مقرر مدي اندر جمع نه ڪرائيندو.
6.
تنظيمي
ادارن جي فصلن جو انحراف ڪندو.
آرٽيڪل 2.6 ميمبر شپ جي معطلي جو طريقه ڪار ؛
جيڪڏهن ڪو به ميمبر 2.5 جي ڪنهن فقري جي ڪوتاهي جو مرتڪب ٿيو ته واسطيدار
يونٽ جو صدر ان کي ڪوتاهين جا تفصيل لکت ۾ نوٽيس وسيلي ڏيندو. نوٽيس ملڻ بعد
مذڪوره ميمبر هڪ هفتي اندر تحريري جواب يا زباني وضاحت يونٽ جي ورڪنگ ڪميٽي آڏو
پيش ڪندو. ورڪنگ ڪميٽي ان ڏنل نوٽيس ۽ واسطيدار ميمبر جي جواب بڌڻ کان پوء اڪثريت
رائي سان ڪو به فيصلو ڪرڻ جي مجاز هوندي ميمبر شپ معطلي جي صورت ۾ يونٽ پهنجو
فيصلو ضلعي ڏانهن موڪليندو ۽ ضلعو تحقيقات کان پوء رپورٽ مرڪز ڏانهن موڪليندو ۽
آخري فيصلو ڪرڻ جو حق مرڪز کي هوندو مرڪز کي هي واجب هوندو ته فيصلو هڪ هفتي اندر
واسطيدار ميمبر ۽ ادارن کي لکت ۾ ڏئي. معطلي جو عرصو گهٽ ۾ گهٽ ٽي مهينا ۽ وڌ ۾ وڌ
ڇهه مهينا هوندو.
آرٽيڪل 2.7 معطل ٿيل ميمبر جي بحالي؛
معطلي
عرصو پوري ٿيڻ بعد واسطيدار ميمبر درخواست وسيلي ٻيهر ميمبر شپ جي بحالي جي گذارش
واسطيدار يونٽ جي صدر کي ڪندو ۽ يونٽ جو صدر پهنجي سفارشن سان اها درخواست ضلعي
صدر معرفت مرڪز ڏانهن موڪليندو ۽ مرڪز اطمينان حاصل ڪرڻ کان پوء ان جي ميمبر شپ
ٻيهر بحال يا رد ڪندو.
نوٽ؛ ميمبر شپ جي معطلي يا بحالي جو عمل مرڪز طرفان ڪيل فيصلي واري تاريخ کان
لاگو سمجهيو ويندو.
آرٽيڪل 2.8 ميمبر شپ جو خا تمو ؛
(الف) هيٺين حالتن ۾ ميمبر شپ خودبخود ختم ٿي ويندي.
1.
کاتي
مان رضاڪارانه طور تي ريٽائر ٿيڻ يا ريٽائر ڪرڻ جي عمر جي حد پوري ڪرڻ تي ريٽائر
ٿيڻ.
2.
نوڪري
تان استغفى ڏيڻ.
3.
ٻئي
ڪنهن استاد تنظيم ۾ شامل ٿيڻ.
4.
سيڪينڊري
، ڪاليج يا ڪنهن ٻئي سائيڊ تي پروموشن وٺڻ يا پرائمري لائڻ ڇڏي وڃڻ.
5.
انتقال
ڪري وڃڻ.
(ب) مرڪزي ڪابينه پاڻ مرادو ٻه ڪنهن ميمبر جي ميمبر
شپ مضبوط بنيادن تي يونٽ يا ضلع جي سفارش کان سواء ختم ڪري سگهي ٿي.
باب ٽيون
تنظيمي ڍانچو
ادارا:
آرٽيڪل 3.1 مرڪزي جنرل باڊي:
الف: جوڙ جڪ : هي ادارو مرڪزي ڪابينا، ڊويزنل، ضلعي ۽ تعلقي
/ ٽائون جي صدرن ۽ جنرل سيڪريٽرين تي مشتمل هوندو.
ب: فرض ۽ اختيار :
1.
هي سموري
تنظيم جو سڀ کان اعلى اختياراتي ادارو هوندو. جنهن کي سمورن فيصلن ڪرڻ جو حق رهندو
۽ ٻيا سمورا ادارا يعني تعلقا، ٽائون، ضلعا ۽ ڊويزنون هن جي ماتحت هوندا.
2.
هي ادارو
تنظيم جي آئين ۾ ترميم ڪرڻ جو مجاز هوندو.
3.
هي ادارو
تنظيم جي سالياني رپورٽ ٻڌندو ۽ ان کي منظور يا رد ڪندو.
4.
هي ادارو
مرڪزي ڪابينا جي چونڊ هوندو.
5.
هن اداري
جي ڪيل فيصلي کي ڪٿي به چئلينج نٿو ڪري سگھجي.
ت: گڏجاڻيون :
1.
هن اداري
جي دستوري گڏجاڻي سال ۾ هڪ دفعو ٿيڻ ضروري آهي. انهيءِ لاءِ پندرهن ڏينهن اڳواٽ
لکت اطلاع ڏيڻ ضروري آهي.
2.
هن
اداري جي هنگامي گڏجاڻي مرڪزي صدر ۽ مرڪزي
جنرل سيڪريٽري ڪڏهن به گھرائي سگھن ٿا پر ان لاءِ هڪ هفتو اڳ ميمبرن کي تحريري
اطلاع ڏيڻ ضروري آهي.
3.
هن اداري
جي رڪيوزٽ اجلاس 3/1 ميمبرن جي صحيحن سان گھرائي سگھجي ٿو. انهيءِ لاءِ هن اداري
جا 3/1 ميمبر ڪنهن خاص ايجندا تي لکت ۾ درخواست ڏيئي اجلاس گھرائڻ جي تقاضا ڪندا ۽
اهڙي درخواست مرڪزي صدر ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري وٽ جمع ڪرائيندا. جيڪي پندرهن ڏينهن
اندر جنرل باڊي جي اجلاس گھرائڻ لاءِ پابند هوندا. جيڪڏهن مرڪزي صدر ۽ مرڪزي جنرل
سيڪريٽري پندرهن ڏينهن تائين جنرل باڊي جو اجلاس نٿا گھرائين ته درخواست ڏيندڙ
ميمبر پاڻ مرادو اجلاس گھرائڻ جا مجاز هوندا.
آرٽيڪل 3.2 مرڪزي ورڪنگ ڪاميٽي :
الف: جوڙجڪ : هي ادارو مرڪزي ڪابينا ۽ سنڌ جي سڀني ڊويزنن ۽
ضلعن جي صدرن تي مشتمل هوندو.
ب: فرض ۽ اختيار :
1.
جنرل
باڊي جي ڪيل فيصلن تي عمل ڪرائڻ.
2.
مرڪزي
ڪابينا جي ڪم جي نظرداري ڪرڻ.
3.
ڪنهن به
مسئلي تي احتجاجي تحريڪ هلائڻ يا ختم ڪرڻ.
4.
تنظيم جي
ترقي، ڀلائي ۽ مالي حالتن جي بهتري لاءِ اُپاءَ وٺڻ.
5.
ڪنهن به
مسئلي تي پاليسي تيار ڪرڻ.
6.
مرڪزي
ڪابينا جي ڪنهن به خالي پيل عهدي تي ايندڙ چونڊن تائين عهديدار مقرر ڪرڻ.
7.
نون
يونٽن جي الحاق جي منظوري ڏيڻ.
8.
مرڪزي
فيصلن جي انحرافي ڪندڙ ضلعن ۾ يونٽن جي عهديدارن يا باڊين کي هٽائي نون عهديدارن
يا نين باڊين جي تقرري ڪرڻ.
9.
ڪنهن به
مرڪزي، ڊويزنل، ضلعي ۽ يونٽ جي عهديدار خلاف مليل شڪايتن جي نتيجي ۾ انڪوائري
ڪاميٽي مقرر ڪرڻ ۽ ان ڪاميٽي جي رپورٽ جي روشني ۾ ان عهديدار (سواءِ مرڪزي صدر ۽
مرڪزي جنرل سيڪريٽري جي) تي آئيني قدم کڻڻ.
10.
مرڪزي
ڪابينا جو خرچ بحال ڪرڻ، سموري حساب ڪتاب جي نظرداري ڪرڻ آڊٽ ڪاميٽي مقرر ڪرڻ ۽
انهن جي رپورٽ جي روشني ۾ فيصلا ڪرڻ.
11.
هن جي
گڏجاڻي ٿيڻ هر ٽئين مهيني ٿيڻ لازمي آهي.
آرٽيڪل 3.3 مرڪزي باڊي /
ڪابينا :
الف: جوڙجڪ : هي ادارو هيٺين نون (9) عهديدارن تي مشتمل
هوندو.
1.
صدر 2. سينئر نائب صدر 3.
نائب صدر (فيميل) 4. جنرل سيڪريٽري
5. ڊپٽي جنرل سيڪريٽري 6. جوائنٽ سيڪريٽري (فيميل)
7.ماليات سيڪريٽري 8. پريس سيڪريٽري 9.آفيس سيڪريٽري.
ب: فرض ۽ اختيار :
1.
مرڪزي
ورڪنگ ڪاميٽي جي فيصلن، رٿن ۽ راين کي عمل جي شڪل ڏيڻ.
2.
سڄي
تنظيم جي سِڌيءَ ريت نگراني ڪرڻ.
3.
مرڪزي
جنرل باڊي جي اجلاس جي ايجندا، جڳهه ۽ تاريخ طئه ڪرڻ.
4.
تنظيم ۽
آئين جي انحراف ڪندڙ ميمبر خلاف سڌو قدم کڻڻ.
5.
ڊويزن،
ضلعن ۽ تعلقا / ٽائون اندر پيدا ٿيل تنظيمي بحرانن ۽ معاملن کي طئه ڪرڻ.
6.
ڪنهن به
ميمبر جي ميمبرشپ معطل، ختم يا بحال ڪرڻ.
7.
نئين
ميمبر شپ جي منظوري ڏيڻ.
8.
ڪنهن به
معاملي تي سڀ ڪاميٽيون جوڙڻ، انهن جون رپورٽون وٺڻ ۽ رپورٽن تي عمل ڪرائڻ.
9.
هن جي
گڏجاڻي هر مهيني ٿيڻ لازمي آهي.
آرٽيڪل 3.4 ڊويزنل ڪائونسل :
الف: جوڙجڪ : هي ادارو ڊوزنل باڊي ۽ ڊويزن ۾ شامل سڀني ضلعن
جي ضلعي باڊين تي مشتمل هوندو.
ب: فرض ۽ اختيار :
1.
هي ادارو
ڊويزن ۾ تنظيم جي رابطي جو ڪم سر انجام ڏيندو.
2.
هي ادارو
ڊويزن باڊي چونڊ ڪندو.
3.
ڊويزنل
باڊي جي رپورٽ ٻڌڻ ۽ ان ۾ ترميم ۽ توثيق ڪرڻ.
4.
هن جي
گڏجاڻي هر ڇهين مهيني ٿيڻ لازمي آهي.
آرٽيڪل 3.5 ڊويزنل ورڪنگ ڪاميٽي :
الف: جوڙجڪ : هي ادارو ڊوزنل باڊي ۽ ڊويزن ۾ شامل سڀني ضلعن
جي ضلعي صدرن ۽ جنرل سيڪريٽرين تي مشتمل هوندو.
ب: فرض ۽ اختيار :
1.
هي ادارو
ڊويزنل باڊي لاءِ رهنمائي ۽ سهڪار لاءِ پاليسي جوڙيندو.
2.
ڊويزنل
باڊي جي خالي پيل جاءِ تي ڪنهن به ميمبر کي عهديدار مقرر ڪندو.
3.
ڊويزنل
باڊي جو خرچ بحال ڪرڻ ۽ ان جي مالي حساب ڪتاب جي جانچ پڙتال لاءِ آڊٽ ڪاميٽي مقرر
ڪندو.
4.
هن جي
دستوري گڏجاڻي هر نئين مهيني ٿيندي.
آرٽيڪل 3.6 ڊويزنل باڊي :
1.
الف:
جوڙجڪ : هي ادارو ستن عهديدارن 1. صدر 2.نائب صدر
3.جنرل سيڪريٽري 4. جوائنٽ سيڪريٽري (فيميل)
5.ماليات سيڪريٽري 6. پريس سيڪريٽري 7.آفيس سيڪريٽري تي مشتمل هوندو. جنهن کي
ڊويزنل ڪائونسل ڳجھي ووٽ ذريعي چونڊيندي.
ب: فرض ۽ اختيار :
1.
ڊائريڪٽوريٽ
آفيس جي سطح سان لاڳاپيل استادن جا مسئلا حل ڪرڻ.
2.
هن جي
گڏجاڻي هر ڇهين مهيني ٿيڻ لازمي آهي.
آرٽيڪل 3.7 ضلعي جنرل باڊي :
الف: جوڙجڪ : هي ادارو بنيادي يونٽن تعلقي ۽ ٽائون جي سڀني
چونڊيل عهديدارن (نون) تي مشتمل هوندو.
ب: فرض ۽ اختيار :
1.
ضلعي باڊي
جي چونڊ ڪندي.
2.
مرڪزي ۽
ڊويزنل ادارن جي ڪيل فيصلن کي پنهنجن ضلعن اندر نافذ ڪرائڻ لاءِ اُپاءَ وٺندي.
3.
ضلعي
باڊي جي سالياني رپورٽ ٻڌندي ۽ ان کي بحال يا رد ڪندي.
4.
تعلقي /
ٽائون جي ڪنهن به عهديدار يا ميمبر جي آئيني ڀڃڪڙي واري عمل خلاف ڪاروائي تجويز
ڪندي ۽ ان جي منظوري مرڪزي ورڪنگ ڪميٽي کان وٺندي.
5.
هن جو
اجلاس هر ڇهين مهيني ٿيڻ لازمي آهي.
آرٽيڪل 3.8 ضلعي ورڪنگ ڪاميٽي :
الف: جوڙجڪ : هي ادارو ضلعي باڊي ۽ يونٽن جي صدرن ۽ جنرل
سيڪريٽرين تي مشتمل هوندو.
ب: فرض ۽ اختيار :
1.
ضلعي
جنرل باڊين جي فيصلن، رٿن ۽ قراردادن کي عملي شڪل ڏيڻ.
2.
ضلعي
باڊي جو ڪيل خرچ بحال ڪرڻ ۽ ان جي مالي حساب ڪتاب جي جانچ پڙتال ڪرڻ لاءِ آڊٽ
ڪاميٽي مقرر ڪرڻ ۽ ان جي رپورٽ جي روشني ۾ فيصلا ڪرڻ.
3.
ضلعي
باڊي لاءِ رهنمائي ڪرڻ.
4.
ضلعي جي
ڪنهن به خالي پيل عهدي تي ايندڙ چونڊن تائين مقرري ڪرڻ.
5.
هن جي
گڏجاڻي هر ڇهين مهيني ٿيڻ لازمي آهي.
آرٽيڪل 3.9 ضلعي باڊي :
الف: جوڙجڪ : هي ادارو نون عهديدارن تي مشتمل هوندو جنهن
کي جنرل باڊي خفيه ووٽ ذريعي چونڊيندي.
ب: فرض ۽ اختيار :
1.
پاڻ کان
مٿاهن ادارن جي ڪيل فيصلن، پاليسين ۽ تجويزن کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ اُپاءَ وٺڻ.
2.
ضلعي ۽
ان کان هيٺين سطح جي تعليمي عملدارن جي آفيسن سان واسطيدار استادن جي مسئلن کي حل
ڪرائڻ لاءِ جدوجھد ڪرڻ.
3.
پنهنجي
يونٽن کان هنگامي ۽ ساليانو فنڊ وصول ڪري مرڪز ۽ ڊويزن کي پهچائڻ.
4.
ضلعي فنڊ
مان ڪيل خرچ کي ضلعي ورڪنگ ڪاميٽي کان بحال ڪرائڻ.
5.
مقامي
مسئلن لاءِ ڪي به عارضي ڪاميٽيون ٺاهڻ، جن جو مدو ٽن مهينن کان مٿي نه هوندو.
6.
هن جي گڏجاڻي
هر ڇهين مهيني ٿيڻ لازمي آهي.
آرٽيڪل 3.10 ٽائون / تعلقه جنرل باڊي :
الف: جوڙجڪ : هي ادارو تنظيم جو بنيادي يونٽ هوندو. جيڪو
انهن سڀني ميمبرن تي مشتمل هوندو. جيڪي آئين جي آرٽيڪل 2.1 موجب تنظيم جا بنيادي
ميمبر هوندا.
ب: فرض ۽ اختيار :
1.
پاڻ
منجهان ٽائون/ تعلقي باڊي (نو عهديدارن) جي ڳجهي ووٽ ذريعي چونڊ ڪندي.
2.
يونٽ
باڊي جي سالياني رپورٽ ٻڌندي ۽ ان کي منظور يا رد ڪندي.
3.
پنهنجي
حد اندر استادن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ اُپاءَ وٺندي.
4.
هن جي
گڏجاڻي هر ڇهين مهيني ٿيڻ لازمي آهي.
آرٽيڪل 3.11 ٽائون / تعلقه ورڪنگ ڪاميٽي
:
الف: جوڙجڪ : هي ادارو يونٽ باڊي جي نون عهديدارن سميت 20
ميمبرن تي مشتمل هوندو. باقي 11 ميمبرن کي يونٽ باڊي نامزد ڪندي.
ب: فرض ۽ اختيار :
1.
يونٽ جي
عهديدارن جي ڪارڪردگي تي نظر رکندي.
2.
يونٽ
عهديدارن جي رهنمائي ڪندي ۽ تجويزون ڏيندي.
3.
يونٽ
جنرل باڊي جي فيصلن تي عمل درآمد جو جائزو وٺندي.
4.
يونٽ باڊي
جي خرچ جي جانچ پڙتال لاءِ آڊٽ ڪاميٽي
جوڙيندي ۽ انهيءِ رپورٽ جي روشني ۾ اپاءَ وٺندي.
5.
لاڳيتين
ٽن گڏجاڻين ۾ غير حاضر رهندڙ يونٽ باڊي جي عهديدار کي هٽائي سندس جاءِ تي ٻي ڪنهن
عهديدار کي نامزد ڪندي.
6.
يونٽ جي
ڪنهن به خالي پيل عهدي تي ڪنهن به ميمبر کي نامزد ڪندي.
7.
هن جي
گڏجاڻي هر ٽئين مهيني ٿيڻ لازمي آهي.
آرٽيڪل 3.12 ٽائون / تعلقه باڊي :
الف: جوڙجڪ : هي ادارو نون عهديدارن تي مشتمل هوندو.
ب: فرض ۽ اختيار :
1.
تعلقه /
ٽائون سان واسطو رکندڙ استادن جي مسئلن جي حل لاءِ پاڻ پتوڙيندي.
2.
مٿين
ادارن جي فيصلن، پاليسين ۽ تجويزن کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ اپاءَ وٺندي.
3.
تنظيم جي
بنيادي ميمبرن کي ساليانو؛ هنگامي ۽ سهڪاري فنڊ وصول ڪري ضلعي، ڊويزن ۽ مرڪز کي
موڪليندي.
4.
پنهنجي
ڪارڪردگي، استادن جي شڪايتن ۽ مسئلن جو مڪمل رڪارڊ رکندي.
5.
مقامي
مسئلن جي حل لاءِ ضلعي، ڊويزن ۽ مرڪز کان سهڪار ۽ رهنمائي حاصل ڪندي.
6.
هن جي
گڏجاڻي هر مهيني ٿيڻ لازمي آهي.
آرٽيڪل 3.13 بنيادي يونٽن جو مفهوم :
بنيادي يونٽن مان مراد تعلقا ۽ ٽائون آهن جن
جي شڪل ۽ ترتيب هيٺين ريت هوندي.
1.
روينيو
لحاظ کان قائم ڪيل تعلقا بنيادي يونٽ هوندا.
2.
هر ضلعي
هيڊ ڪوارٽر واري شهر جي ميونسپل حدن وارا علائقا پڻ بنيادي يونٽ جي حيثيت رکندا جن
جي حيثيت پڻ تعلقي واري ساڳي هوندي.
3.
تعلقن جا
اهي حصا جيڪي روينيو لحاظ کان ان تعلقي يا سب ڊويزن ۾ هجن پر تعليمي لحاظ کان ٻئي
تعلقي يا سب ڊويزن ۾ هجن ته انهن کي عليحده يونت جي حيثيت نه هوندي آهي پر کين
انهي يونٽ ۾ ووٽ ڏيڻ ۽ عهدي تي بيهڻ جو حق هوندو جتي هو تعليمي لحاظ کان شامل
هوندا يا جتان هو پگهار کڻندا هوندا.
4.
ليڊيز
يونٽ جي ڪا به عليحده حيثيت نه هوندي. سندن لاءِ بنيادي يونٽ کان مرڪزي باڊيءَ
تائين ٻه عهدا نائب صدر ۽ جوائنٽ سيڪريٽري مخصوص هوندا جن تي فقط استادياڻيون چونڊ
وڙهي سگهنديون.
آرٽيڪل 3.14 يونٽن جو الحاق :
هر بنيادي يونٽ (تعلقه / ٽائون) لاءِ ضروري آهي ته هو هر چونڊ بعد ٽن مهينن
اندر مرڪز کان الحاق جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري.
انهيءَ لاءِ کيس هيٺيان شرط پورا ڪرڻا پوندا.
1.
ميمبرشپ
مهيا ڪندو.
2.
ميمبرن
جي هر سال جي في مرڪزي حصي جي ادائيدگي ڪندو.
3.
پنهنجي
ڪارڪردگي ۽ عمل جي ماهوار ٽي ماهي سالياني رپورٽ ۽ پنهنجن ادارن جي گڏجاڻين جي
ڪاروائي پابندي سان موڪليندو.
4.
الحاق هڪ
سو روپيه ادا ڪندو ضلعو ۽ ڊويزن به الحاق جي منظوري مرڪز کان وٺندو.
5.
الحاق جو
سرٽيفڪيٽ تعلقي / ٽائون، ضلعي يا نيون ڊويزن کي مرڪزي ڪابينا جي منظوريءَ سان ڏنو
ويندو.
6.
الحاق جي
سرٽيفڪيٽ بعد هر سال تجديدي سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويندو.
آرٽيڪل 3.15 نون يونٽن جو قيام (تعلقه /
ٽائون، ضلعا ۽ ڊويزنون)
1.
روينيو
لحاظ کان جتي ٻه نوان تعلقا، ضلعا يا نيون ڊويزنون قائم ٿين ٿيون ۽ سرڪاري طور
نوٽيفڪيشن نڪري ٿو ته اتي تعلقي / ٽائون
جي حالت ۾ ضلعه پ – ٽ – الف پنهنجي ضلعي باڊي جي فيصلن سان آرگنائيزنگ ڪاميٽي
ٺاهيندي جيڪا هر مهيني اندر اتي ميمبر شپ جون لسٽون في سميت حاصل ڪري مرڪز کي ضلعي
معرفت الحاق جي درخواست ڏيندي ۽ مرڪز الحاق جي درخواست قبول ڪرڻ بعد نئين يونٽ جي
قيام جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندو.
اهڙي ريت
نئين ضلعي جي صورت ۾ ڊويزن طرفان ۽ نئين ڊويزن جي صورت ۾ مرڪز طرفان مٿيون ساڳيو
عمل ڪري نئين يونٽ جي قيام جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.
2.
يونٽن جي
قيام جو اختيار صرف مرڪزي ڪابينا کي آهي، ضلعا ۽ يونٽ پاڻ مرادو ڪوبه نئون يونٽ
قائم يا ختم نٿا ڪري سگھن.
آرٽيڪل 3.16 مشاورتي ڪائونسل :
مرڪزي صدر ۽ مرڪزي جنرل
سيڪريٽري پنهنجي مرڪزي ڪابينا جي رهنمائي لاءِ سنڌ جي انهن تجربيڪار، دانشور ۽
تنظيمي شعور رکندڙ حاضر سروس استادن تي مشتمل هوندي، جنهن جو ڪم تنظيم کي بهتر رخ
۾ هلائڻ ۽ جدوجھد جي مرحلن ۾ رهنمائي ڪرڻ
هوندو آهي. هن جو اجلاس ضرورت وقت گھرائي سگھجي ٿو.
باب چوٿون
عهديدار ۽ انهن
جا اختيارات
مرڪزي سطح کان هيٺين سطح جي باڊين تي هيٺيان نو عهديدار ٽن سالن لاءِ چونڊيا
ويندا جن جا فرض ۽ اختيار هيٺين ريت هوندا.
آرٽيڪل 4.1 صدر:
1.
هيءُ
تنظيم (پنهنجي سطح جي ادارن) جو سربراهه هوندو.
2.
پنهنجي
سطح جي ادارن جي گڏجاڻين جي صدارت ڪندو ۽ ايجنڊا مطابق ٿيندڙ رٿن تي بحث جي اجازت
ڏيندو. ڪنهن به تٿ تي هلندڙ بحث کي ختم ڪرائي، رايا وٺي فيصلن جو اعلان ڪندو.
3.
پنهنجي
سطح جي ادارن جون دستوري، هنگامي يا خصوصي گڏجاڻيون گھرائيندو.
4.
استادن
جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ واسطيدار آفيسرن سان گڏجاڻيون ڪندو ۽ مسئلن جي حل لاءِ
پنهنجون سڀ صلاحيتون ايمانداري سان ڪتب آڻيندو.
5.
اها
نظرداري رکندو ته سندس ميمبر ۽ عهديدار آئين تي عمل ڪن. آئين جي ڀڃڪڙي جي حالت ۾
کين نوٽيس ڏيندو.
6.
ادارن جي
ڪارڪردگي بهتر بنائڻ لاءِ اپاءَ وٺندو.
7.
تنظيم جي
سموري ملڪيت، رڪارڊ ۽ حساب ڪتاب تي نظرداري رکندو.
8.
پنهنجي
مدد لاءِ ڪنهن به عهديدار يا ميمبر جو سهڪار حاصل ڪندو.
9.
ڪنهن به
مسئلي تي ڪي به عارضي سب ڪاميٽيون جوڙي سگهندو.
10.
پنهنجي
خرچن جا ووچر ۽ تفصيل پنهنجي سطح جي ماليات سيڪريٽري وٽ جمح ڪرائيندو ۽ سموري ڪيل
خرچ جا ووچر پاڻ صحيح ڪندو.
11.
هڪ ورڪنگ
ڪاميٽي کان ٻئي ورڪنگ ڪاميٽي جي وچ واري عرصي لاءِ مرڪزي صدر پنج هزار، ڊويزنل صدر
ٽي هزار ضلعي صدر ٻه هزار ۽ يونٽ صدر هڪ هزار روپيه پنهنجي صوابديده تي خرچ ڪري
سگھندو ۽ ان جي منظوري ايندڙ ورڪنگ ڪاميٽي کان ضرور حاصل ڪندو.
آرٽيڪل 4.2 سينئر نائب صدر:
1.
صدر جي
موڪل، بيماري، مستعفي، انتقال يا ڪن به ٻين سببن ڪري سندس غير موجودگي ۾ صدر جا سڀ
اختيارات استعمال ڪرڻ جو مجاز هوندو.
2.
صدر سان
ڪم ۾ سهڪار ڪندو ۽ ان طرفان سونپيل ذميواريون سر انجام ڏيندو.
آرٽيڪل 4.3 نائب صدر (فيميل):
1.
سينئر
نائب صدر وارا سمورا اختيار کيس سندس غير موجودگي ۾ مليل هوندا.
2.
عورتن
واري شعبي ۾ پرائمري استادياڻين جا مسئلا معلوم ڪري صدر کي آگاهه ڪندي.
3.
پرائمري
استادياڻين سان مسلسل رابطو رکندي ۽ صدر طرفان مليل هدايتون کين پهچائيندي.
4.
صدر جي
غير موجودگي ۾ عورت عملدارن سان مسئلن جي حل جي سلسلي ۾ ملاقات ڪندي.
آرٽيڪل 4.4 جنرل سيڪريٽري:
1.
پنهنجي
سطح جي سمورن ادارن جي گڏجاڻين جون ڪاروائيون هلائيندو. ڪاروائي محفوظ ڪندو ۽ ان
کان هر عهديدار کي آگاهه ڪرڻ لاءِ ڪاروائي جاري ڪندو.
2.
تنظيم جي
سموري متحرڪ ۽ غير متحرڪ ملڪيت ۽ رڪارڊ جو تحفظ ڪندو.
3.
گڏجاڻين
جي اڳواٽ اطلاح، ايجنڊا واسطيدار سمورن عهديدارن کي موڪليندو.
4.
گڏجاڻين
جا اطلاح ٽپال، فون ۽ اخباري بيان وسيلي ڏيڻ جو مجاز هوندو.
5.
گڏجاڻين
۽ بحث مباحثن کي ايجنڊا مطابق هلائيندو ۽ اها پڻ خبرداري ڪندو ته شريڪ ٿيندڙ ۽ بحث
۾ حصو وٺندڙ انهيءَ ايجنڊا مطابق ڳالهائين.
6.
کيس
هيٺيون تنظيمي رڪارڊ رکڻو پوندو.
1.
ڪاروائي
رجسٽر
2.
ڪاروائي
فائيل
3.
روانگي
فائيل
4.
آمدني
فائيل
5.
ميمبر
رجسٽر، فارم ۽ درخواستون.
6.
تاثرات
بوڪ
7.
نوٽيفڪيشن
جو فائيل
8.
تنظيم جي
ماهوار، ٽي ماهي ۽ سالياني رپورٽ جو فائيل
9.
ڊيڊ
اسٽاڪ رجسٽر ۽ متفرق فائيل
7.
مرڪزي
جنرل سيڪريٽري چار هزار ڊويزنل سيڪريٽري ٻه هزار ضلعي جنرل سيڪريٽري هڪ هزار ۽
يونٽن جو جنرل سيڪريٽري پنج سو روپيه پنهنجي صوابديدهه تي خرچ ڪري سگهي ٿو پر هو
ڪيل خرچ جي ووچرن جي منظوري ايندڙ ورڪنگ ڪاميٽي کان وٺڻ جو پابند رهندو.
آرٽيڪل 4.5 ڊپٽي جنرل سيڪريٽري:
1.
جنرل
سيڪريٽري سان ڪم ۾ سهڪار ڪرڻ، رڪارڊ جي تربيت ۾ ساڻس هٿ ونڊائيندو.
2.
جنرل
سيڪريٽري جي غير موجودگي ۾ سندس اختيارات استعمال ڪندو.
آرٽيڪل 4.6 جوائنٽ سيڪريٽري (فيميل):
1.
عورتن جي
شعبي ۾ پرائمري استادياڻين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سان گڏ رابطو رکندي ۽ پنهنجي صدر
۽ جنرل سيڪريٽري کي آگاهي ڏيندي.
2.
ليڊيز
عملدارن سان ٽيچرس جي مسئلن جي حل لاءِ گڏجاڻيون ڪندي.
3.
جنرل
سيڪريٽري ۽ ڊپٽي جنرل سيڪريٽري جي غير موجودگي سندس سڀ اختيارات استعمال ڪندي.
آرٽيڪل 4.7 ماليات سيڪريٽري:
1.
واسطيدار
ماليات سيڪريٽري ميمبرن / يونٽن کان في ۽ فنڊ وصول ڪري کين رسيد ڏيندو.
2.
گڏ ٿيل
في ۽ فنڊن جي آمدني۽ روانگي جو مڪمل رڪارڊ رکندو.
3.
خرچ ڪيل
رقم جو تفصيل ۽ ووچر محفوظ رکندو.
4.
مالياتي
رپورٽ تيار ڪري واسطيدار اداري آڏو بحالي لاءِ پيش ڪندو.
5.
صدر ۽
جنرل سيڪريٽري کي گھربل صوابديدي ايڊوانس رقم ڏيندو.
6.
تنظيم جو
هيٺيون رڪارڊ رکندو.
1.
رسيد بوڪ
2.
ڪئش بوڪ
3.
ووچر
فائيل
4.
بئنڪ جو
پاس بوڪ
آرٽيڪل 4.8
پريس سيڪريٽري:
1.
صدر ۽
جنرل سيڪريٽري جي مشوري سان اخباري بيان جاري ڪندو.
2.
تنظيم جي
تشهير ۽ پاليسين کي عام استاد ۽ عوام تائين پهچائڻ لاءِ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو
سهڪار حاصل ڪندو.
3.
جاري ڪيل
اخباري بيانن ۽ پريس ڪانفرنس جي آفيس ڪاپين جو فائيل ٺاهيندو.
4.
تنظيم جي
ڪنهن به اداري يا عهديدار يا خود پاران جاري ڪيل ۽ ڇپيل اخباري بيانن ۽ پريس
ڪانفرنس جو ڪٽنگ فائيل ٺاهيندو.
5.
تعليم،
استاد ۽ پ – ٽ – الف سان گڏ سڌي ريت واسطو رکندڙ ۽ ڇپيل مواد محفوظ رکندو.
6.
هي تنظيم
جي پبليڪيشن شعبي جو انچارج هوندو.
7.
تنظيم
پاران جاري ڪيل مواد کي ڇپائڻ لاءِ ڪوششون ڪندو.
آرٽيڪل 4.9 آفيس سيڪريٽري:
1.
هي
سيڪريٽريٽ / آفيس جو انچارج هوندو.
2.
هي آفيس
۽ ان ۾ موجود هر قسم جي ملڪيت ۽ رڪارڊ جو تحفظ ڪندو.
3.
رابطي
لاءِ آفيس ۾ موجود رهندو.
4.
آفيس ۾
ايندڙ ٽپال ۽ ٻيو مواد واسطيدار عهديدارن کي ڏيندو.
5.
جنرل
سيڪريٽري ۽ پري سيڪريٽري سان سندن ڪمن ۽ رڪارڊ جي تياري ۽ تحفظ ۾ مدد ڪندو.
باب پنجون
ماليات
آرٽيڪل 5.1 ماليات:
الف: تنظيم جي مالي آمدني جا ذريعا، سالياني في، ميمبرشپ في، الحاق في، نامينيشن
في، هنگامي في، خصوصي فنڊ ۽ سهڪاري فنڊ تي مشتمل هوندا.
1.
سالياني
في:
1.
هر ميمبر
سال ۾ 5/= روپيه مهيني جي حساب سان 60/= روپيه سالياني في ادا ڪندو جنهن جي
ورهاست هن ريت ٿيندي.
ٽائون، تعلقو 50% يعني ٽيهه
روپيا - ضلعو 20% يعني ٻارهن روپيا.
ڊويزن 10% يعني ڇهه روپيا - مرڪز 20% يعني ٻارنهن روپيا.
2.
يونٽ جي
ماليت سيڪريٽري جي اها ذميواري هوندي ته هو سالياني في سال جي شروعاتي ٽن مهينن
(جنوري، فيبروري ۽ مارچ) تائين وصول ڪري واسطيدار ادارن تائين ميمبرن جي لسٽن سميت
موڪلي.
3.
اهڙا
يونٽ جيڪي سالياني في هر سال مارچ تائين نه جمع ڪرائيندا انهن خلاف مرڪز تاديبي ڪاروائي
ڪرڻ جو مجاز هوندو.
4.
مالي
آمدني ڪنهن به ويجهي بئنڪ ۾ صدر يا جنرل سيڪريٽري ۽ ماليات سيڪريٽري جي گڏيل
اڪائونٽ ۾ رکي ويندي.
5.
جيڪي
ميمبر سالياني في نه ڏيندا، اهي تنظيم جي طرفان ملندڙ ڪنهن به رعايت ۽ فائدي حاصل
ڪرڻ جا مستحق نه هوندا.
6.
هر ميمبر
جي ذميواري هوندي ته هو ساليانو فنڊ يا ٻيو مقرر ڪيل فنڊ ماليات سيڪريٽري وٽ جمع
ڪرائي رسيد حاصل ڪري.
2.
ميمبرشپ
في:
ميمبر ٿيڻ وقت رڳو هڪ دفعو 10/= روپيا داخلا يا ميمبر شپ في وصول ڪئي ويندي جيڪا سڌو سنئون ميمبر
شپ فارمن سان گڏ مرڪز ڏانهن موڪلي ويندي.
3. الحاق في:
هر
يونٽ چونڊ بعد هڪ سو روپيا الحاق في مرڪز کي ڏيئي الحاق جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪند.
پهرين الحاق سرٽيفڪيٽ ملڻ بعد هر چونڊ بعد الحاق جي تجديد جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو
ويندو.
4. هنگامي فنڊ:
ڪنهن
به جدوجهد، تحريڪ يا ڪنهن مالي بحران جي پيش نظر مرڪز يونٽن کان هنگامي فنڊ وصول
ڪري سگھي ٿو. ان جو فيصلو مرڪزي ڪابينا / مرڪزي ورڪنگ ڪميٽي ڪري سگھي ٿي. ساڳئي
ريت يونٽ، ضلعا ۽ ڊويزن به هنگامي فند ميمبرن کان وصول ڪري سگھن ٿا جن جو فيصلو پڻ
ڪابينا / مرڪزي ورڪنگ ڪميٽي ڪري سگھي ٿي.
5. خصوصي فنڊ:
سال ۾ هڪ
دفعو يونٽن کان وٺي مرڪز تائين مرڪزي جنرل باڊي جي سمورن ميمبرن ۽ عهديدارن کي هڪ
سو روپيه خصوصي فنڊ مرڪز وٽ جمع ڪرائڻو پوندو جيڪو مرڪزي آفيس جي ڪار وهنوار هلائڻ
جي ڪتب ايندو.
6. سهڪاري فنڊ:
تعليمي، سماجي ۽ ثقافتي سر گرمين جي مد، سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن ۽ سرندي
وارن شخصتين کان خصوصي يا سهڪاري فنڊ حاصل ڪري سگھجي ٿو جنهن جي ڪابه حد مقرر ڪانه
هوندي.
7. نامينيشن فارم في:
چونڊن ۾ اميدوارن کان حاصل ٿيندڙ
نامينيشن فارم في اليڪشن مد ۾ خرچ ڪري سگھجي ٿي.
8. فنڊ خرچ ڪرڻ جو اختيار فقط صدر ۽ جنرل سيڪريٽري کي هوندو.
9. تنظيم جي فنڊ مان ڪابه متحرڪ يا غير متحرڪ شي خريد / وڪري ڪرڻ جو اختيار
ڪابينا کي هوندو۽ اها شيءِ تنظيم جي ملڪيت هوندي نه ته ڪا عهديدارن جي ذاتي ملڪيت
هوندي.
آرٽيڪل 5.2 عدم اعتماد جي رٿ:
1.
عدم
اعتماد جي رٿ انهيءَ اداري ۾ پيش ڪئي ويندي جيڪو ادارو ان کي چونڊڻ جو مجاز هوندو.
2.
ڪنهن به
چونڊيل عهديدار خلاف بي اعتمادي جي رٿ واسطيدار جنرل باڊي جي ٽوٽل ميمبرن جي 3/1
حصي جي ميمبرن جي تائيد ۽ صحيحن سان تحريري درخواست پيش ڪري سگھجي ٿي.
3.
بي
اعتمادي واري رٿ جي درخواست موصول ٿيڻ بعد منظوري ڏيندڙ اختياري تي فرض عائد ٿو
ٿئي ته هڪ هفتي اندر مذڪوره عهديدار کي مٿين لڳل تهمتن کان لکت ۾ آگاهي ڏيندو ۽
کيس 15 ڏينهن اندر بي اعتمادي واري اجلاس ۾ صفائي پيش ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ لاءِ
چوندو. جتي واسطيدار عهديدار زباني توڙي لکت ۾ پنهنجي صفائي پيش ڪندو. ان بعد ڳجهي
ووٽ ذريعي ميمبرن کان راءِ ورتي ويندي. جيڪڏهن هن ڪل ميمبرن جو 3/2 حصو رٿ جي
حمايت ۾ ووٽ ڪندو ته رٿ بحال ڪئي ويندي ۽ ان عهديدار جو ان ڏينهن کان عهدو ختم
سمجهيو ويندو.
4.
بي
اعتمادي واري اجلاس ۾ بي اعتمادي جي رٿ کان سواءِ ٻي ڪنهن ايجنڊا تي بحث نه ٿيندو.
5.
تنظيم
طرفان ڪنهن به مسئلي تي هلندڙ جدوجهد، تحريڪ يا هڙتال دوران بي اعتمادي جي رٿ پيش
نه ڪري سگھبي.
6.
چوڻ ٿيڻ
جي تاريخ جي هڪ سال پوري ٿيڻ کان اڳ بي اعتمادي جي رٿ پيش نه ٿي ڪري سگھجي.
7.
يونٽ
عهديدار خلاف بي اعتمادي جي رٿ واري اجلاس ۾ ضلعي نمائندو، ضلعي توڙي ڊويزن جي
عهديدار خلاف بي اعتمادي واري رٿ واري اجلاس ۾ مرڪزي نمائندو ضرور شريڪ ٿيندو.
8.
تعلقه /
ٽائون، ضلعي ۽ ڊويزن جي عهديدارن جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ جي شروعاتي منظوري کان
آخري بحالي تائين مرڪزي ڪابينا کان منطوري وٺڻ ضروري هوندي.
آرٽيڪل 5.3 آئين ۾ ترميم:
1.
آئين ۾ مجوزه
تميمن جو مسودو جنرل باڊي جي اجلاس کان هڪ مهينو اڳ واسطيدار ميمبرن ڏانهن موڪلڻ
ضروري آهي جئين هو مڪمل مطالعو ڪري اچن.
2.
آئين ۾
ترميم حاضر ميمبرن جي 3/2 جي اڪثريت سان منظور ڪري سگھجي ٿو.
آرٽيڪل 5.4 ڪورم:
1.
هر اداري
جي دستوري گڏجاڻي هلائڻ لاءِ ڪل ميمبرن جو 3/1 ڪورم جو حاضر هجڻ ضروري آهي.
2.
سڀ فيصلا
حاضر ميمبرن جي سادي اڪثريت سان ڪري سگهجن ٿا.
3.
آئين ۾
ترميم حاضر ميمبرن جي 3/2 اڪثريت ساط ڪري سگھجي ٿي.
4.
ڪورم جي
اڻپوري هئڻ سبب هڪ مهمل ڪيل گڏجاڻي ٻئي دفعي ڪورم جي پابندي کان آجي هوندي بشرطيڪ
ٻي گڏجاڻي مهمل ڪيل پهرين گڏجاڻي کان 15 ڏينهن کان پوءِ گھرائي وڃي واسطيدار
ميمبرن کي اهڙو اطلاع لکت ۾ ضرور موڪلڻ گھرجي.
آرٽيڪل 5.5 عام قانون ۽ قاعدا:
1.
فرد
ادارن جي ماتحت هيٺيان ادارا مٿين ادارن جي ۽ سمورا ادارا مرڪزي تنظيم جي تابع
هوندا.
2.
جنرل
باڊي جا هڪ اجلاس کان ٻئي اجلاس تائين جي وچ واري عرصي ۾ انتظامي اختيار ورڪنگ ڪميٽي
کي ۽ ورڪنگ ڪميٽي جا انتظامي اختيار وري باڊي / ڪابينا ڏانهن منتقل هوندا جن کي هو
استعمال ڪرڻ جا مجاز هوندا.
3.
ڪوبه
عهديدار هڪ ئي وقت هڪ کان وڏيڪ عهدو پاڻ وٽ نٿو رکي سگهي البت ٻئي عهدي تي اميدوار
بيهي سگهي ٿو. ڪامياب ٿيڻ بعد کيس پهريون عهدو ڇڏڻو پوندو.
4.
باڊي /
ڪابينا، ورڪنگ ڪاميٽي ۽ جنرل باڊي جو ڪوبه پاس ڪيل ٺهراءُ ڇهن مهينن کان اڳ رد نٿو
ٿي سگھي.
باب ڇهون
چونڊون
آرٽيڪل 6.1 اليڪشن ڪاميٽي جي تقريري:
1. اليڪشن مدي پوري ٿيڻ کان ڇهه مهينا
پهرين مرڪزي ورڪنگ ڪاميٽي پنجن ميمبرن تي مرڪز جي اليڪشن ڪاميٽي مقرر ڪندي.
( هڪ چيئرمين هڪ وائيس چيئرمين ، هڪ سيڪريٽري ء ٻه ميمبر) جيڪا پوري تنظيم جي چونڊن جو انتظام ڪندي مرڪزي اليڪشن ڪاميٽي مرڪزي باڊي کي حلف کڻائڻ کان پوءِ خود بخود ٿي ويندي.
( هڪ چيئرمين هڪ وائيس چيئرمين ، هڪ سيڪريٽري ء ٻه ميمبر) جيڪا پوري تنظيم جي چونڊن جو انتظام ڪندي مرڪزي اليڪشن ڪاميٽي مرڪزي باڊي کي حلف کڻائڻ کان پوءِ خود بخود ٿي ويندي.
2. اهڙي طرح تعلقه ٽائون ۽ ضلعن جون
ورڪنگ ڪاميٽيون وري ضلعن ۽ يونٽن، تعلقن / ٽائون جون اليڪشن ڪاميٽيون ٺاهي مرڪزي
اليڪشن ڪاميٽي کي موڪلينديون. اهي ڪاميٽيون ٽن عهدن (چيئرمين ، وائيس چيئرمين ۽
سيڪيٽري ) تي مشتمل هونديون
3. اليڪشن ڪاميٽي جا عهديدار / ميمبر
ڪنهن به سطح تي چونڊن ۾ ڪنهن به عهدي تي اميدوار بيهي نه سگهندا.
4. مرڪزي اليڪشن ڪميٽي جي عهديدارن،
ميمبرن جي بيماري، فوت ٿي وڃڻ، مستعفي ٿي وڃڻ يا ٻئي ڪنهن به سبب جي ڪري خالي عهدو
مرڪزي ڪابينا / مرڪزي ورڪنگ ڪاميٽي، ضلعي ۽ تعلقه / ٽائون جي حالت ۾ مرڪزي اليڪشن
ڪاميٽي ڀريندي .
5. ڊويزن جون چونڊون مرڪزي اليڪشن
ڪاميٽي ڪرائيندي.
آرٽيڪل 6.2 اليڪشن ڪاميٽي جون ذميواريون ۽ اختيار:
1. آئين ۾ مرڪزي ورڪنگ ڪاميٽي پاران
جوڙيل اليڪشن ضابطن جي روشني ۾ سمورن ادارن جي چونڊن جي عمل کي مڪمل ڪرڻ لاءِ
انتظام ڪرڻ.
2. اليڪشن جو سمورو شيڊول پڌرو ڪرڻ .
3. اليڪشن جي عمل خلاف پهتل اپيل تي
آئين مطابق اليڪشني ضابطن جي روشني ۾ فيصلا ڏيڻ.
4. اڳوڻن عهديدارن کان چارجون ڏيارڻ.
5. مرڪزي اليڪشن ڪاميٽي طرفان تعلقه /
ٽائون ۽ ضلعن جي اليڪشن ڪاميٽي جي عهديدارن کي تقرري نامون جاري ڪرڻ
6. تعلقه / ٽائون ۽ ضلعن اليڪشن ڪاميٽيون
مرڪزي اليڪشن ڪاميٽي جي تابع رهنديون ۽ سندن ڏنل هدايتن تي عمل ڪنديون.
7. مرڪزي اليڪشن ڪميٽي کي اختيار
هوندو ته جيڪي تعلقا/ ٽائون ۽ ضلعي اليڪشن ڪاميٽي جي فيصلن ۾ آئين جي انحرافي ڪن
ٿيون تن عهديدارن يا سموري ڪميٽي کي هٽائي اتي ٻي ڪابه اليڪشن ڪاميٽي مقرر ڪري
چونڊن جو انتظام ڪرڻ.
8. چونڊيل عهديدارن جو نوٽيفيڪشن
جاري ڪرڻ.
9. ووٽر لسٽ پڌري ڪرڻ . (تعلقا/
ٽائون جي ووٽر لسٽ مرڪزي ڪابينا طرفان مهيا ڪئي ويندي).
10. تعلقه/ ٽائون ۽ ضلعي جي اليڪشن
ڪاميٽي کي فارم ۽ بئلٽ پيپر پاڻ ڇپرائڻا نه پوندا. اهو سمورو انتظام مرڪزي اليڪشن
ڪاميٽي کي پنهنجي نگراني ۾ ڪرائڻو پوندو.
آرٽيڪل 6.3 چونڊن جا ضابطا ء اصول ووٽر جا شرط
الف : آئين جي
آرٽيڪل نمبر 2.1 موجب تنظيم جي ميمبر هجي.
2. سندس ميمبر
شپ فارم ڀريل هجيس.
3. کيس کي مرڪزي
کان نئون ڪارڊ جاري ٿيل / تجديد ٿيل هجيس.
4. سال کان وڌيڪ
عرصي جي في رهيل نه هجيس ڪا به بقايا نه هجيس.
تشريح : جيڪڏهن
اهڙو ڪو به ميمبر جيڪو هڪ سال گذري وڃڻ بعد سالياني في نٿو ڏئي ته ان کي ايندڙ
چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ جو حق نه هوندو.
1. مرڪز طرفان جاري ڪيل ميمبر شپ لسٽ
۾ نالو هجيس.
ب: اميدوار بيهڻ
جا شرط
1. پ – ٽ – الف جو ميمبر ٿئي کيس گهٽ
۾ گهٽ ٽي سال عرصو گذريو هجيس .
2. سندس رٽائر ٿيڻ ۾ ٽن سالن کان
وڌيڪ عرصو رهيل هجيس . اهو عرصو فارم ڀرڻ واري تاريخ کان شمار ڪيو ويندو.
3. تنظم جي ڪا به بقايا ۽ چارج وغيره
رهيل نه هجيس.
4. ووٽر جي اهليت وارا سڀ معيار پورا
ڪندڙ هجي.
5. هيٺين سطح تي هارائيندڙ اميدوار
مٿين سطح تي اليڪشن ۾ اميدوار بيهي نٿو سگهي.
6. رٿ ڏيندڙ ء تائيد ڪندڙ لاءِ لازمي
هوندو ته هو جنهن سطح جي اليڪشن ۾ اميدوار جو تجويز يا تائيد ڪري ٿو هو انهي سطح
جو ووٽر هجي يعني تعلقه / ٽائون جي اليڪشن ۾ تعلقه / ٽائون جو ووٽر هجي. ڊويزن جي
اليڪشن ۾ ڊويزن ۽ مرڪز جي اليڪشن ۾ مرڪز جي ووٽر هجي
7. ڪو به اميدوار آزاد حيثيت سان
بيهي نٿو سگهي هر اميدوار کي پنهنجي پينل يعني نون عهديدارن سميت (پينل جي صورت ۾)
بيهڻ جو حق هوندو
ت : چونڊن خلاف اپيل جو طريقه ڪار
1. تعلقه / ٽائون جي چونڊ ٿيڻ واري
تاريخ کان پنجن ڏينهن اندر چونڊ عمل خلاف دستاويزي ثبوتن سان ضلعي اليڪشن ڪاميٽي کي
لکت ۾ اپيل ڪرڻ گھرجي.
ضلعي اليڪشن
ڪاميٽي اپيل ملڻ جي تاريخ کان هڪ هفتي اندر اپيل خلاف فيصلي ڏيڻ لاءِ پابند هوندي.
ضلعي اليڪشن ڪاميٽي جي فيصلي خلاف پنجن ڏينهن اندر مرڪزي اليڪشن ڪاميٽي اپيل پهچڻ بعد
ڏهن ڏينهن اندر فيصلو ڏيڻ لاءِ پابند هوندي ۽ ان جو فيصلو آخري هوندو ۽ ان فيصلي
اندر فيصلو کي ڪٿي به ٻئي هنڌ چيئلنج نٿو ڪري سگهجي. خلاف ورزي ڪندڙ جي ميمبر شپ
خودبخود رد سمجهي ويندي.
2. ضلعي چونڊن خلاف اپيل چوندن ٿيڻ
بعد پنجن ڏينهن اندر مرڪزي اليڪشن ڪاميٽي کي لکت ۾ اپيل ڪرڻ گھرجي جيڪا هڪ هفتي
اندر فيصلي ڏيڻ لاءِ پابند هوندي.
3. ساڳئي ريت ڊويزن جي چونڊن ۾ پڻ
پنجن ڏينهن اندر مرڪزي اليڪشن ڪاميٽي کي لکت ۾ اپيل ڪرڻ گھرجي جيڪا هڪ هفتي اندر
فيصلي ڏيڻ لاءِ پابند هوندي.
4. تعلقن، ضلعن، ڊويزن ۽ مرڪز جي
چونڊن جي عمل وڌ ۾ وڌ ٽن مهينن اندر هر حال ۾ مڪمل ڪرڻو آهي. انهي سلسلي ۾ يونٽن
جي چونڊن جي تاريخ کان پوءِ هڪ مهيني اندر ضلعي جي چونڊن لاءِ نامينيشن فارم ڀرڻ
لاءِ تاريخ مقرر ڪرڻ ضروري آهي. يعني يونٽن جي اليڪشن واري تاريخ ۽ ضلعي جي
نامينيشن واري تاريخ جي وچ وارو عرصو هڪ مهيني کان وڌيڪ نه هئڻ گھرجي. اهڙي ريت
ضلعي جي چونڊن بعد ڊويزن جي چونڊ پندرهن ڏينهن اندر ۽ ڊويزن جي چونڊ بعد 15 ڏينهن
اندر مرڪزي چونڊن جي انعقاد ٿيڻ ضروري آهي.
5. نامينيشن واري تاريخ کان پوءِ
يونٽن جون چوندن پندرهن ڏينهن اندر ضلعي جو چونڊن ڏهن ڏينهن اندر ڊويزن جو چونڊن
ستن ڏينهن اندر ۽ مرڪز جون چونڊون ويهن ڏينهن اندر ٿيڻ لازمي آهن.
6. ڪنهن به يونٽ جي چونڊن جي
مونجهاري يا رڪاوٽ سبب ضلعي جون چونڊون، ضلعن جي چونڊن جي مونجهاري يا رڪاوٽ سبب
مرڪز جي چوندن جو پروگرام روڪيو نه ويندو.
7. مرڪزي چونڊون پوري ٿيڻ جي هڪ
مهيني کان پوءِ اليڪشن جو سمورو رڪارڊ سيل
مهر ڪري اليڪشن ٿيڻ جي ٽن ڏينهن اندر مرڪزي اليڪشن ڪاميٽي وٽ جمع ڪرائڻو پوندو.
وضاحتون:
1.
يونٽ، ضلعي يا ڊويزن جي اليڪشن هارائڻ وارو
اميدوار ڪنهن به عهدي تي بيهڻ لاءِ صرف ان سال جي اليڪشن ۾ اميدوار نٿو بيهي سگهي.
مثال: يونٽ جي
اليڪشن ۾ هارائڻ وارو اميدوار ضلعي، ڊويزن ۽ مرڪز جي ڪنهن به عهدي تي بيهڻ لاءِ
صرف ان سال جي اليڪشن ۾ اميدوار نٿو بيهي سگھي.
2. هر سطح تي اليڪشن پئنل سسٽم تحت
ٿينديون جنهن لاءِ آزاد حيثيت سان ڪوبه اميدوار نه بيهي سگھندو. پينل جي اڳواڻ
صدارتي اميدوار هوندو جيڪو لکت ۾ اليڪشن ڪاميٽي
کي پنهنجي پينل جا نالا ۽ عهدا ڏيندو. اليڪشن ڪاميٽي پينل لاءِ نشان مقرر ڪندي.
ووٽ سڄي پينل کي نشان تي ملندو. هڪ کان وڌيڪ پينل جي بيهڻ جي حالت ۾ چونڊ بئلٽ
پيپر ذريعي ڪرايون وينديون.
3. هڪ جيترا ووٽ کڻڻ جي حالت ۾
چيئرمين اليڪشن ڪاميٽي کي ڪاسٽنگ ووٽ جو حق رهندو.
4. هر سطح جي چونڊ جو سرڪاري نتيجو
مرڪزي اليڪشن ڪاميٽي طرفان اپيل جي مدي گذرڻ بعد ظاهر ڪيو ويندو. جيڪو نتيجو فائنل
۽ آخري هوندو جنهن کي ڪٿي به چئلينج نٿو ڪري سگھجي.
5. اليڪشن ۾ ڪنهن به ڌر طرفان بائيڪاٽ
ڪنهن به حالت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.
نوٽ: 1. آل سنڌ
پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن جناب رجسٽرار صاحب سنڌ ڪراچي جن جي سند نمبر 354 مورخه
24 نومبر 1951ع موجب رجسٽر ٿي.
2. آل سنڌ
پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن جناب ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشنس ڪراچي جن جي ليٽر نمبر
2929 مورخه 29 نومبر 1951ع رڪگنائيزڊ ٿي.
3. هن آئين ۾
ترميمونمرڪزي جنرل باڊي جي هيٺين اجلاسن ۾ متفقه راءِ سان ڪيون ويون آهن.
پهرين ترميم 15 – اپريل 1962 بمقام حيدرآباد سنڌ
ٻي ترميم 13
– جون 1965 بمقام حيدرآباد سنڌ
ٽي ترميم 4
– جنوري 1979 بمقام ڪنڊيارو ضلعو نوابشاهه
چوٿين ترميم 18 –
مارچ 1983 بمقام پنوعاقل ضلعو سکر
پنجين ترميم 3 – مئي 1990 بمقام مورو ضلعو نوشهروفيروز
ڇهين ترميم 8 – اپريل 1997 بمقام حيدرآباد سنڌ













